اسلام آباد :سپريم ڪورٽ لکت ۾ معافي گهرڻ تي نيب آفيسرن خلاف توهين عدالت جو ڪيس ختم ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ نيب آفيسرن جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي شنوائي ٿي. نيب آفيسرن عدالت جي احاطي مان جوابدارن جي گرفتاري تي غير مشروط معافي گهري ورتي.
شنوائي دوران جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالتي احاطي جي توهين تي آفيسرن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي. نيب جي وڪيل درخواست ڪئي ته جوابدار غير مشروط معافي گهرن ٿا، هاڻ ائين نه ٿيندو. جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ لکت ۾ معافي گهرڻ تي نيب آفيسرن خلاف توهين عدالت جو ڪيس ختم ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته نيب مضاربا اسڪينڊل ۾ ملوث نجي ڪمپني جي مالڪ سيف الرحمان کي سپريم ڪورٽ مان گرفتار ڪيو هو جنهن جو عدالت پاران نوٽيس ورتو ويو هو.