پاڪستانپنجاب

عمران خان هاڻي آئيني طور وزير اعظم ناهي رهيو:شهباز شريف

لاهور:قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ بعد عمران خان آئيني طور وزير اعظم ناهي رهيو. ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ هن وقت ڪوبه وزير اعظم ناهي، پارليامينٽ جو هن وقت ڪو قائد ايوان ناهي. آئين موجب عمران خان پاڪستان جا فيصلا نٿو ڪري سگهي. اُهي سمورا ماڻهو آئيني عهدن تان استعيفائون ڏين جن جا نالا فارن فنڊنگ ۾ آيا آهن. هن چيو ته نواز شريف خلاف جي آءِ ٽي جڙي سگهي ٿي ته عمران نيازي جي لاءِ ڇو نه ؟ نواز شريف جهڙي مشهور عوامي وزير اعظم تي قانون لاڳو ٿي سگهي ٿو ته عمران نيازي تي ڇو نه؟ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اپوزيشن سان ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ سنگين آئيني بحران تي مشاورت ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button