پاڪستانپنجاب

مري ۾ قيامت اچي وئي،پنجاب جو وڏو وزير پارٽي تنظيم سازي ۾ رُڌل

لاهور: ملڪ جي اهم سياحتي هنڌ مري ۾ جتي برفباري سبب وڏو سانحو پيش آيو، اُتي پنجاب جو وڏو وزير وري پارٽي جي تنظيم سازي ۾ رُڌل هو.
برف ۾ ڦاٿل سياحن جون حياتيون بچائڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ بدران وڏو وزير پارٽي جي اجلاس ۾ وڃي ويهي رهيو ۽ ٻئي پاسي 20 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. وفاقي وزير شفقت محمود ٻڌايو ته ڪالهه پنجاب ايڊوائيزري ڪائونسل جي گڏجاڻي ٿي هئي، جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير خاص طور شرڪت ڪئي هئي، گڏجاڻي اڍائي ڪلاڪ جاري رهي ۽ پارٽي جي معاملن تي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هوڏانهن گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته مون کي پنجاب جي اجلاس بابت ڪا ڄاڻ ناهي پر پنجاب جي وڏي وزير سان رابطو ٿيو هو ۽ ريسٽ هائوس کولڻ بابت ڳالهيون ٿيون هيون. شيخ رشيد چيو ته مري سانحي بابت پنجاب جي وڏي وزير مون کان 2 ڀيرا رپورٽ ورتي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button