اسلام آبادپاڪستان

پارلياماني ڪميٽيون گهرائينديون ته چيئرمين نيب شريڪ ٿيندو:نيب

اسلام آباد (:قومي احتساب بيورو (نيب) چيو آهي ته چيئرمين نيب جسٽس جاويد اقبال معزز پارليامان کي انتهائي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هو اڳ ۾ پڻ پي اي سي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هو ۽ جڏهن به پي اي سي يا ٻيون پارلياماني ڪميٽيون گهرائينديون ته چيئرمين نيب اجلاس م شريڪ ٿيندو. نيب طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيب قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري کي هڪ خط به لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پارلياماني ڪميٽين ۾ نيب جي پرسنل اڪائونٽنگ آفيسر جي نمائندگي جي حوالي سان ميڊيا ۾ گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊه پکيڙي پئي وڃي. حقيقت ۾ خط قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري کي لکيو ويو هو جنهن ۾ هن کي چيو ويو هو ته چيئرمين نيب ذاتي مصروفيتن سبب اجلاس م شريڪ نٿو ٿي سگهي، ڇو ته ان جي ويجهو عزيز سخت بيمار آهي. ڊائريڪٽر جنرل نيب هيڊ ڪوارٽرز کي پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جي حيثيت سان نمائندگي جو اختيار ڏنو ويو آهي. پارليامينٽ جي احترام طور ڊي جي نيب هيڊ ڪوارٽر کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ذاتي طور پي اي سي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿئي ۽ معزز پارليامينٽرين جي سوالن جي جوابن کان علاوه معزز پارليامينٽرين کي صورتحال کان آگاهه ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button