اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي 7 ڄڻا فوت،1572 نوان ڪرونا ڪيس ظاهر

اسلام آباد : پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1572 نوان ڪرونا جا ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته 7 مريض فوت ٿي ويا. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪرونا جون 49658 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 1572 جو نتيجو هاڪاري آيو، جڏهن ته وڌيڪ 7 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا آهن. سرڪاري پورٽل تي ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 3 ڏهائي 10 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ان کان اڳ 3 آڪٽوبر 2021 ۾ هاڪاري ڪيسن جي سڀ کان وڌيڪ شرح 3 ڏهائي 12 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. اين سي او سي موجب سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سان فوتين جو مجموعي انگ 28969 ٿي ويو آهي. جڏهن ته متاثرن جو گڏيل انگ 13 لک 4 هزار 58 آهي. ان کانسواءِ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 325 ڄڻا صحتياب به ٿيا، جنهن کانپوءِ وائرس کي شڪست ڏيندڙن جو ڪُل انگ 12 لک 58 هزار 657 ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button