اسلام آبادپاڪستان

نوجوان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي موقعن مان فائدو کڻن:عارف علوي

اسلام آباد : صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن تي زور ڀريو آهي ته اهي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻن ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي وسيع امڪان رکندڙ مسلسل پکڙجندڙ عالمي آءِ ٽي مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ڪن. ڪالهه جوائنٽ ڪلچرل سوسائٽي فار ڪميونيٽيز ڪوليبريشن جي اهتمام هيٺ “ڊيجيٽل دنيا ۾ موجود ڪاروباري رخ” جي عنوان سان منعقد عالمي ويبينار کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ڪمپيوٽنگ، ڊيٽا جي پروسيسنگ، مصنوعي ذهانت جي تجزيي، توانائي ۽ ٿري ڊي مينوفيڪچرنگ جنهن ۾ انٽرنيٽ ڊيٽا، سوشل نيٽ ورڪنگ سميت ٻيا معاملا شامل آهن، انهن شعبن ۾ وڏو انقلاب اچي رهيو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت تربيت يافتا نوجوانن جي خواهش موجب ٽيڪنالاجي جي دنيا جي لاءِ انساني وسيلا تيار ڪيا آهن. ڊيجيٽل مهارت جي پروگرام ذريعي 24 لک مان درخواست ڏيندڙ 16 لک ماڻهو ايندڙ مرحلي ۾ هليا ويا، ان کانسواءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پڻ مفت ڪورسز فراهم ڪري رهيو آهي. هن عوام تي زور ڏنو ته اها سافٽ ويئر ۽ سمارٽ ايپس کي تيار ڪرڻ سکي ڇو ته سمارٽ ايپس ڊيولپرز ان ۾ سيڙپڪاري جي ڳولا ۾ آهن، چين مختلف ايپلي ڪيشنز کي ڊيولپ ڪندي ڪندي پنهنجو سافٽ ويئر تيار ڪري ورتو. ان ويبينار ۾ ڊيجيٽل ماهرن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button