اسلام آبادپاڪستان

حڪومتي نالائقي سبب معصوم شهري زندگيون وڃائي ويٺا:آصف زرداري

اسلام آباد:اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مري ۾ حڪومت جي نالائقي سبب معصوم شهري زندگيون وڃائي ويٺا. مري ۾ شديد برفباري ۽ ماڻهن جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي آصف زرداري چيو ته فوت ٿي ويلن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، الله تعاليٰ فوتين جي مغفرت ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي. هن چيو ته مري ۾ حڪومت پاران فوري طور قدم نه کڻڻ تي ڳڻتي آهي، حڪومت جي نااهلي ۽ نالائقي جي ڪري معصوم شهري زندگين کان محروم ٿي ويا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن مري ۾ شديد برفباري ۽ ٽريفڪ بند ٿيڻ سبب 22 ماڻهو گاڏين اندر ئي فوت ٿي ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button