اسلام آبادپاڪستانپنجاب

مري ۾ هڪ وڌيڪ ٻارڙي فوت،فوتين جو انگ 23 ٿي ويو

مري/اسلام آباد:مري ۾ برفباري ڏسڻ ويل هڪ ٻي ٻارڙي به فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 23 ٿي ويو آهي.ريسڪيو ذريعن موجب مري جي علائقي جهيڪا گلي ۾ 4 ورهين جي ٻارڙي سخت ٿڌ لڳڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي، هوءَ نمونيا جو شڪار ٿي وئي هئي، کيس وقت تي اسپتال نه پهچايو ويو. ريسڪيو ذريعن ٻڌايو ته ٻارڙي پنهنجي والدين سان گڏ لاهور مان مري آئي هئي پر سخت برفباري سبب گهر ڀاتين سان گڏ ڦاسي پئي. اسلام آباد، لاهور گجرانوالا، پنڊي، مردان ۽ ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياح طوفاني برفباري ۾ فوت ٿيا، جن جا مڙهه سندن اباڻن علائقن ڏانهن پهچايا ويا. واقعي کان پوءِ ملڪ ۾ ماحول سوڳوار رهيو. ٻئي پاسي مري ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي آچر تي به برقرار رهي، بهاره ڪهو ۽ ٽول پلازه تي لڳايل ناڪن تي موجود سيڪيورٽي فورسز هر قسم جي اڻ لاڳاپيل ٽريفڪ کي روڪي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button