پاڪستانپنجاب

برف هٽائيندڙ مشينري غائب،22 ماڻهو ڪاربان مونو آڪسائيڊ سبب فوت ٿيا:ابتدائي رپورٽ

لاهور : پنجاب حڪومت کي مري سانحي جي حوالي سان شروعاتي جاچ رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن. پنجاب حڪومت کي مري سانحي تي پيش ڪيل شروعاتي رپورٽ موجب مري ۽ ڀرپاسي موجود روڊن جي گذريل ٻن ورهين کان مرمت نه ڪئي وئي هئي ۽ کڏن ۾ پوندڙ برف سخت ٿيڻ سبب ٽريفڪ جي رواني ۾ رنڊڪ پيدا ٿي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مري ۾ موجود هڪ نجي ڪيفي ٻاهران ترڪڻ هجڻ باوجود ڪا حڪومتي مشينري موجود نه هئي ۽ ان ئي ترڪڻ واري هنڌ تي مري مان نڪرندڙن جو مرڪزي ٻاهريون رستو هو. سياحن جي مري مان نڪرندڙ رستي تان برف هٽائڻ لاءِ هاءِ وي جي مشينري موجود نه هئي. رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته مري جي مختلف علائقن ۾ بجلي نه هجڻ سبب سياحن هوٽلن کي ڇڏي گاڏين ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. رات دير سان ڊي سي راولپنڊي ۽ سي پي او راولپنڊي جي مداخلت تي مري ۾ گاڏين جي اچڻ تي پابندي لڳائي وئي ۽ مري جي روڊن تي ٽريفڪ بند هجڻ سبب برف هٽائيندڙ مشينري جا ڊرائيور به وقت تي نه پهچي سگهيا پر لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊي ايس پي ٽريفڪ جي رواني يقيني بڻائڻ لاءِ موجود هئا. رپورٽ موجب مري ۾ اهڙو ڪو پارڪنگ پلازا موجود ناهي، جتي گاڏيون پارڪ ڪري سگهجن، صبح 8 وڳي برف جو طوفان ختم ٿيڻ کانپوءِ انتظاميا حرڪت ۾ آئي. شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 7 جنوري تي مري ۾ 16 ڪلاڪن ۾ 4 فوٽ برف پئي، 3 جنوري کان 7 جنوري تائين هڪ لک 62 هزار گاڏيون مري ۾ داخل ٿيون، گاڏين ۾ ويٺل 22 ماڻهو ڪاربن مونو آڪسائيڊ سبب فوت ٿيا، 16 جاين تي وڻ ڪِرڻ سبب ٽريفڪ بلاڪ ٿي، مري ويندڙ 21 هزار گاڏيون واپس موڪليون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button