عالمي

سعودي عرب جي اڳوڻي حڪمران شاهه سعود جي ننڍي ڌي 3 سالن بعد نيٺ آزاد

رياض:سعودي شهزادي بسما بنت سعود ۽ ان جي نياڻي کي ڪنهن الزام بنا حراست ۾ رکڻ جي ٽن سالن بعد نيٺ آزاد ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب 57 ورهين جي شهزادي بسما 1953 کان 1964 تائين جي سعودي عرب جي حڪمران شاهه سعود جي سڀني کان ننڍي ڌيءَ آهي. شهزادي بسما بنت سعود جي خاندان 2020 ۾ هڪ بيان ذريعي گڏيل قومن کي ٻڌايو هو ته امڪاني گرفتاري جو سبب انساني حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ آهي. شهزادي بسما بنت سعود شاهي خاندان ۾ انساني همدردي جي معاملن ۽ آئيني سڌارن جي هڪ اهم وڪيل جي حيثيت سان پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button