پاڪستانپنجاب

احتجاج شروع ٿي ويو،27 فيبروري جو لانگ مارچ يادگار هوندو:بلاول ڀٽو

لاهور : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مري سانحي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته احتجاج جو نه رڪجندڙ سلسلو شروع ٿي ويو آهي. 27 فيبروري جو لانگ مارچ يادگار هوندو ۽ حڪومت جي وڃڻ تي ئي عوام سک سان ويهندو. بلاول هائوس ۾ ڏکڻ پنجاب جي ايگزيڪيوٽو جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مري سانحي ۾ فوتين لاءِ دعا ڪئي وئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري کي ڏکڻ پنجاب جي اڳواڻن 27 فيبروري جي لانگ مارچ جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽ ۾ حڪومت جي خلاف موثر اپوزيشن ڪئي. هاڻي عوامي احتجاج جو نه رڪندڙ سلسلو هلي پيو آهي ۽ پي ٽي آئي حڪومت جي خاتمي تي ئي عوام سک سان ويهندو. ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ ملڪ جي هارين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ٿيندڙ احتجاج جي اهتمام جي حوالي سان بلاول هائوس ۾ صلاح مشوري وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خورشيد شاهه، نويد قمر، حسن مرتضيٰ، نوابزاده افتخاراحمد بابر، شازي خان، شهزاد سعيد چيما ۽ ذوالفقارعلي بدر به موجود هو. بلاول ڀٽو زرداري ڪسان ٻڌي اتحاد جي حوالي سان پ پ جي صوبائي تنظيمن کان تجويزون گهري ورتون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 21 جنوري کان ملڪ ۾ ڪسان ٻڌي اتحاد جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هاري ٻڌي اتحاد جي اهتمام جي تيارين جي حوالي سان صوبائي تنطيمن جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button