مٺي: ڀيل انٽليڪچوئل فورم مرڪز جي چونڊ مٺي ۾ ٿي، جنهن ۾ نرمل ڀڳوان داس ڀيل مرڪزي صدر چونڊجي ويو. تقريب ۾ معزز ماڻھن ۽ بي آ ايف ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. چونڊ تقريب ۾ مرڪزي صدر نرمل ڀڳوان داس ڀيل، سينيئر نائب صدر رانجهن ڀيل، نائب صدر پرڪاش ڀيل، جنرل سيڪريٽري سريش ڀيل، جوائنٽ سيڪريٽري وڪيل سترام داس ڀيل، اطلاعات سيڪريٽري لالچند گلاڻي ڀيل، پريس سيڪريٽري لالچند را وشناڻي ۽ آفيس سيڪريٽري ويرسي ڀيل چونڊجي ويا. تقريب کي خطاب ڪندي نرمل ڀڳوانداس ڀيل چيو ته بي آ ايف سماجي تنظيم آهي، جيڪا پسمانده طبقي ۾ شعور ۽ سجاڳي آڻڻ لا جاکوڙي رهي آھي، اسان جي پورهيت ماڻھن ۾ تعليم جي کوٽ آھي، پورهيتن کي پنهنجا بنيادي حق نٿا ملن. تقريب کي رانجهن ڀيل، وڪيل لالا ڀيل، سريش ڀيل، ڪامريڊ گومون ڀين ۽ ٻين خطاب ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close