پاڪستانسنڌ

ٻيٽو جتوئي ۾ عبدالحميد جتوئي جي 18 هين ورسي اڄ ملهائي ويندي

ميھڙ: ناليواري قومپرست اڳواڻ ۽ سينيئر پارليامينٽرين خانصاحب عبدالحميد خان جتوئي جي 18 هين ورسي اڄ سومر ڏھاڙي ميھڙ ڀرسان ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ۾ سادگي سان ملهائي ويندي. ورسي جي موقعي تي خانصاحب عبدالحميد خان جتوئي جا فرزند اڳوڻو وڏو وزير لياقت علي جتوئي، اڳوڻو سينيٽر صداقت علي جتوئي، انجنيئر ظفر علي خان جتوئي، اڳوڻو ايم پي اي احسان علي جتوئي، اڳوڻو ضلعي ناظم ڪريم علي جتوئي ۽ ٻيا مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھيندا ۽ دعا گهرندا. بيٽو جتوئي ھائوس ۾ قرآن خواني ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button