چمبڙ: چمبڙ ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۽ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽ فيڊريشن پاران ڪتابي ميلو لڳايو ويو، ميلي ۾ عالمي تاريخ، سنڌ جي تاريخ، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جا ڪتاب رکيا ويا. ان موقعي تي اسسنٽنٽ ڪمشنر چمبڙ آصف علي ڪورائي، سنڌ هاري ڪميٽي اڳواڻ ارباب رستماڻي، گلاب ڀيل، سماجي اڳواڻ ناصر علي قادري، ھاري ڪميٽي اڳواڻ حسين رستماڻي، ڊي ايس ايف اڳواڻ ذوالفقار کوسو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ميلي لڳائڻ جو مقصد ھن جديد دور جي عوام توڙي نوجوان نسل ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ تيزي سان وڌندڙ جھالت توڙي موبائل فون ۽ سوشل ميڊيا ذريعي برائين جي روڪٿام آهي، ميلي جو مقصد نوجوانن ۾ علمي دلچسپي پيدا ڪرڻ آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close