پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ اوميڪرون جا وڌيڪ 28 ڪيس، شرح ساڍا 15 سيڪڙو ٿي وئي

ڪراچي: سنڌ جي صحت کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ وڌيڪ 28 ماڻهن ۾ اوميڪرون جي تصديق ٿي آهي، جنهن کانپوءِ شهر ۾ هن وائرس جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 191 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪراچي ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح ساڍا 15 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، صوبائي صحت کاتي مطابق شهر ۾ اوميڪرون جا سڀ کان وڌيڪ 83 ڪيس اوڀر ضلعي مان ظاهر ٿيا آهن، ٻئي نمبر تي 49 ڪيسن سان ڏکڻ ضلعو آهي، وسطي ضلعي ۾ 13، اولهه ۽ ملير ۾ 4-4 ماڻهن ۾ اوميڪرن جي تصديق ٿي آهي.ِ ملڪ جي ٻين حصن کان سنڌ ۾ ايندڙ ٽن ماڻهن ۾ اوميڪرون جي تصديق ٿي آهي، ٻاهرين ملڪ مان ڪراچي ايندڙ 25 ماڻهن ۾ ايئرپورٽ تي اوميڪرون جي تصديق ٿي آهي. ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته ٻن هفتن ۾ شهر ۾ ڪرونا جا ڪيس تيزي سان وڌيا آهن، حڪومت حالتن ۽ ڪرونا ڪيسن جي ڊيٽا جو جائزو وٺي رهي آهي. شهري جيڪڏهن چاهين ٿا ته سخت فيصلا نه ٿين ته حڪومت جو ساٿ ڏين ۽ مدد ڪن. شهري ويڪسينيشن ڪرائين ۽ ايس او پيز تي عمل ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button