ڪراچي: پاڪستان جي قومي ايئرلائين پي آئي اي ۾ 4837 ملازمن جي فراغت کانپوءِ هاڻي افرادي قوت جي شرح بين الاقوامي تناسب جي برابر ٿي وئي آهي. پي آئي اي جي ترجمان مطابق ضرورت کان وڌيڪ سياسي ڀرتين لاءِ ڄاتل سڃاتل پي آئي اي جي افرادي قوت ۾ گهٽتائي ٿي وئي آهي، سال 2017ع ۾ پي آئي اي جي في جهاز ملازمن جو انگ 550 هو، جيڪو گهٽجي صرف 260 ٿي ويو آهي، ترجمان مطابق دنيا جي بهترين ايئر لائينز افرادي قوت جي شرح کي 200 کان 250 جي وچ ۾ رکي ٿي، سال 2022ع ۾ وڌيڪ جهاز اچڻ سان شرح 220 تي اچي ويندي، ملازمن جي انگ ۾ گهٽتائي رضاڪاراڻي عليحدگي اسڪيم، جعلي ڊگري ۽ ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ملازمن جي برطرفي کان ٿي. ترجمان جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق قومي ايئر لائين مان تازو ئي 1900 ملازمن کان رضاڪاراڻي علحيدگي اسڪيم ذريعي استيعفا ورتي وئي، 837 ملازم جعلي ڊگرين جي ڪري برطرف ٿيا ۽ 1100 ملازمن جي خلاف ڊسيپلين جي ڀڃڪڙيون ۽ ڪرپشن جي ڪري ڪارروائي ڪئي وئي. سي اي او پي آئي اي ايئر مارشل ارشد ملڪ مطابق ملازمن جو انگ گهٽائڻ سان ساليانو 8 ارب رپيا بچت به ٿيندي، پي آئي اي جو سڌاراتي عمل جاري رهندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close