بلوچستانپاڪستان

ڪوئيٽا ۾ ينگ ڊاڪٽرن جو ڌرڻو،جهڙپون،6 اهلڪار زخمي،20 گرفتار

ڪوئيٽا :بلوچستان جي شهر ڪوئيٽا ۾ ينگ ڊاڪٽرن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري آهي ۽ ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ تي احتجاج ڪندڙ 6 ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جهڙپن ۾ 6 پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن. پوليس ريڊ زون کي انسڪمب روڊ تي مختلف جاين تي ڪنڊيدار تارون لڳائي بند ڪري ڇڏيو هو پر احتجاج تي ويٺل ينگ ڊاڪٽرز ريڊ زون ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس طرفان لٺبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽرن طرفان مزاحمت ڪئي وئي ۽ جهڙپن دوران 6 پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿيا. جڏهن ته پوليس 20 ينگ ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن تي ينگ ڊاڪٽرز ۽ ريلي ۾ شريڪ پيرا ميڊيڪل اسٽاف انسڪمب روڊ تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو. واضح رهي ته ينگ ڊاڪٽرز مطالبن جي مڃتا لاءِ گذريل ڏيڍ مهيني کان هڙتال تي آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button