پاڪستانپنجاب

شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي اشتهاري قرار،گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور: لاهور جي احتساب عدالت اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه لاهور جي احتساب عدالت ۾ پنجاب پاور ڊوالپمينٽ ڪمپني ايرا ۽ سرڪاري کاتن جي فنڊز جي گهپلن واري ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن ۾ عدالت شهباز شريف جي ڌيءَ رابعا عمران ۽ ناٺي عمران يوسف کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ٻنهي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ ٻنهي جوابدارن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت چيو ته آهي ته جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ کان اڳ پيشي جي لاءِ 30 ڏينهن جي حتمي مهلت ڏني وئي پر شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي عدالت رعايت مان فائدو ناهي کنيو. ان ڪري ٻنهي جوابدارن جي گرفتاري ۽ عدالت ۾ پيش ٿيڻ تائين گرفتاري وارنٽ قائم رهندا. واضح رهي ته احتساب عدالت ۾ رابعه عمران ۽ عمران يوسف سميت ٻين جوابدارن جي خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ مني لانڊرنگ جي ايڪٽ جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button