اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا ٻيهر وڌي وئي،13 ماڻهو فوت، 2 هزار 74 ڪيس ظاهر

اسلام آباد:پاڪستان ڪرونا مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 40 نمبر تي اچي ويو. ڪرونا ڪيسن جي شرح مسلسل وڌڻ لڳي، 2074 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 13 مريض فوت ٿي ويا. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 2 هزار 74 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڌيڪ 13 مريض هن وبا وگهي فوت ٿي ويا. وڌيڪ 446 مريض صحتياب ٿي ويا. جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 4 ڏهائي 70 سيڪڙو ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 28 هزار 987 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ڪل مريضن جو انگ 13 لک 9 هزار 248 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 20 هزار 562 علاج هيٺ مريضن مان 628 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 44 هزار 120 ٽيسٽون ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button