اسلام آبادپاڪستان

پختونخوا جي عوام ٽريلر ڏيکاري ڇڏيو،مني بجيٽ سان ٽيڪسن جي سونامي آندي پئي وڃي:بلاول ڀٽو

اسلام آباد : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته خيبر پختونخوا جي عوام ٿورو ٽريلر ڏيکاريو آهي. مني بجيٽ سان ٽيڪسن جي سونامي آندي پئي وڃي، 350 ارب رپين جا نوان ٽيڪس ۽ ترقياتي بجيٽ ۾ 250 ارب ڪٽوتي سان مهانگائي جو طوفان ايندو. هر صديءَ ۾ هڪ بحران ايندو آهي ۽ هن صديءَ جو بحران عمران خان آهي. ڪالهه قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت اپوزيشن جي موقف کي آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ استعمال ڪري پئي سگهي پر توهان ضد ۽ انا ۾ اهڙا فيصلا ڪيا، جيڪا ملڪي معاشي خود مختياري جو سودو هئا. پي ٽي آءِ ايم ايف سان نئين بجيٽ پيش ڪئي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ايڏا خراب انگ اکر نه هئا، پاڪستان ٻه ٽڪرا ٿيو پوءِ به گروٿ ڪاٽو نه هئي. هن چيو ته عمران خان جي تبديلي جي نالي تي تباهي جي صورت ۾ پهريون ڀيرو گروٿ ڪاٽو وئي آهي. نئين پاڪستان جو مطلب مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت آهي. حقيقي لڪائي معاشي ترقي جو ٻڌايو پيو وڃي، مني بجيٽ سان ٽيڪسن جي سونامي آندي پئي وڃي. 350 ارب رپين جا نوان ٽيڪس ۽ ترقياتي بجيٽ ۾ 250 ارب ڪٽوتي سان مهانگائي جو طوفان ايندو. سندس چوڻ هو ته مني بجيٽ کانپوءِ توهان عوام وٽ نٿا وڃي سگهو، هن ملڪ جو عوام جيڪو حڪومت جو حشر ڪندو، ان جي جلد خبر پئجي ويندي. پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان جي چونڊ مهم مان لڳندو هو هو وزيراعظم بڻجي سائيڪل تي ايندو پر هيلي ڪاپٽر استعمال ڪندو آهي. وزيراعظم پاڻ ته جهاز جو سفر ڪندو آهي پر عوام کي سائيڪل تي چاڙهي ڇڏيو، جيڪو ڪنهن ٻئي جي مدد سان حڪومت ٺاهي، ان کي عوام جي پرواهه ناهي هوندي. بلاول ڀٽو چيو ته اسان عوام دشمني ڏٺي، غريب دشمني ڏٺي پر هيءَ حڪومت ته ملڪ دشمني تي لهي آئي آهي، جنهن قسم جو ظلم هن مني بجيٽ ۾ ڪيو پيو وڃي، ان تي ڳالهائڻ لاءِ لفظ ئي ناهن، مان وڌيڪ نه چوندس، توهان کي سڀ سمجهه ۾ ايندو هوندو، عوام ڄاڻي ٿو ته ان جو ذميوار عمران خان آهي. هن چيو ته ليپ ٽاپ، موبائيل انٽرنيٽ تي ٽيڪس لڳايو پيو وڃي. شهباز شريف نوجوانن ۾ مفت ليپ ٽاپ ورهايا، اوهان ان تي به ٽيڪس لڳائي ڇڏيو، اوهان هتي تيار ٿيندڙ اليڪٽرانڪ شين تي به ٽيڪس لڳايو پيا، اوهان هارين جي معاشي قتل ڪري رهيا آهيو، هڪ طرف مني بجيٽ ۽ ٻئي طرف يوريا ڀاڻ مهانگو ڪري رهيا آهيو. هن چيو ته اسان عوام دشمني ڏٺي آهي، غريبن سان دشمني ڏٺي آهي پر حڪومت ملڪ دشمني تي لهي آئي آهي، هن مني بجيٽ ۾ جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي ان لاءِ لفظ ئي ناهن. جڏهن ته وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته اسان صبر سان اپوزيشن ميمبرن جون تقريرون ٻڌيون پر اسان ڳالهائڻ شروع ڪيو ته سندن حوصلو جواب ڏئي ڇڏي ٿو. هي پنهنجي ڳالهه ڪري چورن وانگر ڀڄي وڃن ٿا هاڻي ڏسون ڪيئن شرمسار ٿي اپوزيشن واپس ايوان ۾ اچي رهي آهي. هن چيو ته انهن پنهنجي دورن ۾ معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو هو، اسان آياسين ته پهريان قرض ورتو ته قرضن جون قسطون واپس ڪري سگهون. ڪرونا جي معمول جي زندگي گذاريندڙ پهرين ٽن ملڪن ۾ پاڪستان جو نالو آيو اسان ان جي ڳالهه مڃي پاڪستان بند نه ڪيو ٻي صورت ۾ اڃ مهانگائي ٽيڻ تي هجي ها اسان ڪووڊ جي باوجود 4 سيڪڙو گروٿ ڪئي. وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته هي ڳالهيون ته ايئن ڪري رهيا هئا جيئن هي کير ۽ ماکي جون نديون وهائي ويا هئا. هن چيو ته ڪرونا جي باوجود ڊي جي پي 4 سيڪڙو تائين آندي آهي جنهن ايل اين جي ڪمپني سان انهن مهانگو سوڌو ڪيو ان سان اسان سستو سودو ڪيو. هن چيو ته اسان شگر ملز جو ڪارٽل ٽوڙيو، اڍائي سئو کان 300 رپيا مڻ ڪمند وڪرو ٿي رهيو آهي، ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس وڌي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button