پاڪستانسنڌ

سامارو ۾ حيسڪو عملدارن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي ڌرڻو

سامارو: صالح ڀنڀرو جي ڳوٺ علي محمد ڪالرو جي رهواسي ڳوٺاڻن محمد فضل مرتضى ڪالرو، اڪبر ڪالرو، خميسو وقار ڪالرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پٿورو-سامارو مين روڊ تي حيسڪو سامارو جي ايس ڊي او، ايل ايس، لائين مين ۽ ميٽر ريڊرن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ۽ زبردست نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته حيسڪو سامارو جا عملدار ۽ عملو منٿلين عيوض واپارين، فلور ملز مالڪن ۽ ٻين بااثرن کي چوري جي بجلي ڏئي ويٺا آھن، گرڊ اسٽيشن تان ٿڌ جي موسم ۾ به ھٿرادو ڊگھي لوڊشيڊنگ ڪري بجلي چوري جا يونٽ بيلنس ڪري رھيا آھن، بجلي چور ميٽر ريڊر ۽ ٻيو عملو بااثرن کان منٿليون وٺي وري بل ادا ڪندڙ غريب پورھيت، مزدور ۽ ھاري طبقي مٿان ڏنڊ هڻي ڳرا بل موڪلي ٿو، ڳرا بل نه ڀري سگهڻ تي عملو بجلي ڪاٽي وڃي ٿو، جيڪو ظلم آهي. ھنن حيسڪو چيف ۽ اعلي’ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڏاڍ جو نوٽيس وٺي بجلي چور ايس ڊي او، ايل ايس، لائين مين ۽ ميٽر ريڊر خلاف ڪارروائي ڪري غريب طبقي کان وصولي جو سلسلو بند ڪري ھٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button