اسلام آبادپاڪستان

شهباز شريف ۽ فضل الرحمان ۾ وزيراعظم خلاف عدم اعتماد تحريڪ تي مشاورت

اسلام آباد :پي ڊي ايم جي ٻن اهم اڳواڻن مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، وزيراعظم عمران خان جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. ان ڏس ۾ حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ٻيهر سرگرم ٿي وئي آهي. ڪالهه ملاقات کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي 74 سالن جي تاريخ ۾ اسان ان کان وڌيڪ نااهل حڪومت ڪڏهن به ناهي ڏٺي. وقت اچي ويو آهي ته هن حڪومت کان نجات لاءِ هر قانوني ۽ آئيني رستو اختيار ڪجي. هن چيو ته 25 جنوري تي پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ حڪومت خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ سميت سمورن آپشنز تي غور ڪيو ويندو. ان موقعي تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته 23 مارچ جو مهانگائي مارچ انقلابي قدم هوندو. حڪومت جي اتحادين کي به اپيل آهي ته هو ڏسن ته ڇا ٿي رهيو آهي. فضل الرحمان چيو ته خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ گهربل نتيجن لاءِ هنگامي بنيادن تي نوان ماڻهو ڀرتي ڪيا پيا وڃن. اليڪشن ڪميشن کي ڪنهن جي غلامي نه ڪرڻ گهرجي. پختونخوا ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ فوج طلبي جو مطالبو رد ڪيون ٿا. هن چيو ته مني بجيٽ سان مهانگائي جو نئون طوفان اڀرندو، حڪومت کي عوام جي ڪا به خبر ناهي، عالمي ادارن جي دلچسپي عزيز آهي. موجوده صورتحال ۾ 23 مارچ جو لانگ مارچ به وڌيڪ اڻٽر ٿي ويو آهي. اسان سمجهون ٿا ته عوام پنهنجي حقن لاءِ سڌو سنئون وڙهندو، PDM ان جي اڳواڻي ڪندي عوام جو آواز بڻجندي. هن چيو ته 5 فيبروري تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ حاڪل کان ڊيرا اسماعيل خان تائين ريلي ڪڍي ويندي، پي ڊي ايم جي هن اجلاس ۾ حڪومت خلاف قدمن تي غور ڪيو ويندو. ذريعن ٻڌايو آهي ته شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ پي ڊي ايم جي لانگ مارچ کي ڪامياب بنائڻ تي مشورا ڪيا ويا. جڏهن ته مني بجيٽ بل کي ناڪام بنائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويو ۽ حڪومتي ڪارڪردگي سميت، مري سانحي ۾ حڪومتي ڪارڪردگي جو به جائزو ورتو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button