اسلام آبادپاڪستان

ذخيرا اندوزي ۾ ملوث عنصرن سان ڪا رعايت نه ٿيندي:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منافعي خوري ۽ ذخيرا اندوزي ۾ ملوث عنصرن سان ڪا نرمي نه ڪئي ويندي. آبادگارن کي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. ڪالهه وزيراعظم ملڪ ۾ ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي اعليٰ سطحي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڀاڻ جي ذخيرا اندوزي ربيع سيزن جي لاءِ فصل جي پيداوار کي بري طرح متاثر ڪري سگهي، ان لاءِ آبادگارن کي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته آبادگار پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته يوريا جي کوٽ بابت افواهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ موثر عوامي آگاهي مهم هلائي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل هفتي دوران اٽڪل 19 هزار ميٽرڪ ٽن روزانو ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو ۽ وڌيڪ هزار ميٽرڪ ٽن روزانو اضافو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪابينا چين کان هڪ لک ميٽرڪ ٽن يوريا جي درآمد جي منظوري موجوده عالمي مارڪيٽ ريٽ کان اٽڪل اڌ قيمت تي ڏني آهي. اسمگلنگ جي خاتمي جي قدمن جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جون صوبائي حڪومتون يوريا جون 92 هزار 845 ٻوريون ضبط ڪيون آهن، جيڪي اسمگل ڪيون پئي ويون. صنعت واري وزارت ۾ هڪ فعال مانيٽرنگ سيل ڀاڻ جي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ ان يوريا جو پتو لڳائڻ ۽ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button