اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ڀاڻ بحران خلاف 21 جنوري تي ٽريڪٽر مارچ ڪنداسين:پيپلزپارٽي

اسلام آباد: پاڪستان پيپلزپارٽي چيو آهي ته هارين جي خراب حالت ۽ ڀاڻ جي بحران جي خلاف 21 ۽ 24 جنوري تي ٽريڪٽر مارچ ڪنداسين. ملڪ ۾ غذائي تحفظ جو مسئلو پيدا ٿي چڪو آهي، ظالماڻين ٽيڪسز جي خلاف احتجاج اسان جو بنيادي حق آهي. يوريا جي هڪ ٻوري ساڍن ٽن هزارن تائين پهچي وئي آهي، نتيجي ۾ وقت تي فصل تيار نه ٿي سگهندو. ان هائوس تبديلي لاءِ صلاح مشوري جو سلسلو وڌائي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار سيد نويد قمر ۽ شازيا مري گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. شازيا مري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري بجيٽ تقرير ۾ زراعت جو مسئلو اٿاريو هو، اڄ هاري رستن تي آهن. هن چيو ته غذائي تحفظ جو معاملو زراعت سان ڳنڍيل آهي. مني بجيٽ جي خلاف پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي، 27 فيبروري کان مارچ جو اعلان ڪيو آهي. نويد قمر چيو ته اسان هارين سان ٻڌي ڪنداسين، اسٽيٽ بئنڪ کي خودمختيار ڪرڻ سان مهانگائي گهٽ نه ٿيندي. هن چيو ته اسان هي طريقو اختيار ڪيو آهي ته قرض وٺو ۽ ٻاهران شيون گهرايو. هن چيو ته پاڪستان جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي ايف بي آر ٽيڪس اوڳاڙي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي. هن چيو ته سياسي پارٽين کي به اپيل آهي ته اسان جي هارين لاءِ جدوجهد ۾ شامل ٿين. هن چيو ته اسان جي پاليسي ميڪرز کي خبر نه آهي ته ويهاڙي ۽ بدين ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاليسي ميڪر کي رڳو اها خبر آهي ته آمريڪا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. سيد نويد قمر چيو ته هي احتجاج رڳو انڊيا نه پر يورپ ۾ به ٽريڪرٽر مارچ ٿي چڪا آهن. ان هائوس تبديلي جي حوالي سان اسان صلاح مشوري جو سلسلو وڌائي رهيا آهيون. اسان 27 فيبروري ۽ پي ڊي ايم 23 مارچ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته اسان فيبروري جو اعلان ان لاءِ ڪيو جو مارچ گهڻو پري آهي ماڻهو پريشان آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button