اسلام آبادپاڪستان

گڏيل مفادن واري ڪائونسل طرفان ستين آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد:گڏيل مفادن واري ڪائونسل طرفان ستين آدمشماري ڊجيٽل ٽيڪنالوجي، جي آئي ايس مانيٽرنگ سسٽم جي ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ستين آدمشماري جي اهتمام جي منطوري ڏني وئي آهي. آدمشماري کان اڳ گهرشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪميٽي آدمشماري جي نگراني ڪندي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان صوبائي وڏن وزيرن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته صوبن جي مطالبن مطابق ڪائونسل جي اجلاسن جو انگ وڌائي سگهجي ٿو. خميس تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 49 هون اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وڏا وزير، وفاقي وزيرن کان علاوه ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن، سمورا صوبائي چيف سيڪريٽريز، نادرا چيئرمين چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا. ذريعن موجب گڏيل مفادن واري ڪائونسل اجلاس ۾ ٽه نڪاتي ايجنڊا تي غور ٿيو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل ستين آدمشماري جي اهتمام جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته ڪائونسل آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته فيصلو ٿيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ستين آدمشماري ڊجيٽل ٽيڪنالوجي، جي آئي ايس مانيٽرنگ سسٽم جي ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت آدمشماري جو هڪ اعتبار جوڳو ڊيٽا رکڻ گهري ٿي، هي ڊيٽا شهرين جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ پاليسين ۽ منصوبن کي شروع ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو. وزيراعطم گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي مستقل سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ تي ڪائونسل جي ميمبرن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته مستقل سيڪريٽريٽ جو قيام وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ گڏيل تعاون جي جذبي کي ظاهر ڪري ٿو. وفاقي حڪومت سمورن وفاقي ٿنڀن ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي صلاح مشوري سان قومي مسئلي جي حل لاءِ پرعزم آهي. پڌرائي موجب اجلاس مالي سال 2020-21 لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سالياني رپورٽ جي منظوري ڏني. مالي سال 2020-21 دوران مجموعي طور تي 6 اجلاس منعقد، 21 ايجنڊا ائيٽمز تي غور ڪيو ويو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل سيڪريٽريٽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ موثر رابطي ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته اجلاس ۾ ڪراچي لاءِ پاڻي جي اضافي ضرورتن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ سياسي ۽ ٽيڪنيڪي سطح تي صوبن جي موقف ۽ پاڻي بابت مسئلن تي مفاهمت لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪميٽي ڪراچي لاءِ پاڻي جي اضافي ضرورتن جي معاملي کي ڏسندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button