پاڪستانپنجاب

عدالت ايف آءِ اي کي شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي 7 ڏينهن تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور :بينڪنگ ڪورٽ لاهور ايف آءِ اي پاران داخل ڪيل عدالتي اختيار جو اعتراض منظور ڪندي چالان ايف آءِ اي واپس ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۽ عدالتي اختيار بابت شنوائي بينڪنگ ڪورٽ جي جج سردار طاهر صابر ڪئي. عدالت ۾ شهباز شريف جي وڪيل هڪ ڏينهن جي حاضري کان معافي جي درخواست داخل ڪئي جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو. جڏهن ته حمزا شهباز شريف عدالت جي آڏو پيش ٿي حاضري مڪمل ڪرائي. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي بينڪرز کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي. ايف آءِ اي موجب مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بينڪرز جو ڪوبه ڪردار نه آهي. بينڪنگ ڪورٽ جي جج ايف آءِ اي جي عدالتي اختيار واري درخواست منظور ڪري ورتي ۽ چالان ايف آءِ اي کي واپس ڪري ڇڏيو. ايف آءِ اي ڪيس ٻئي عدالت ڏانهن اماڻڻ جي استدعا ڪئي هئي. شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز عدالت کان استدعا ڪئي ته جيڪڏهن عدالت مناسب سمجهي ته ڪيسز سينٽرل جج وٽ اماڻي ڇڏي. بينڪنگ ڪورٽ عدالتي اختيار بابت فيصلو محفوظ ڪيو. ان کان پوءِ عدالت فيصلو ٻڌائيندي ايف آءِ اي جي عدالتي اختيار جو اعتراض منظور ڪري ورتو. عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جو چالان ايف آءِ اي کي واپس ڪري ڇڏيو. عدالت ايف آءِ اي کي شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي 7 ڏينهن تائين گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. جڏهن ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي 7 ڏينهن ۾ ٻيهر ضمانت لاءِ رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button