پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ فراڊ ڪندڙ همراهه خلاف سيڙپڪارن جو مظاهرو

ميرپورخاص: فاريڪس ٽريڊنگ اربين رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نامزد ھريش ڪڙيلا ۽ سندس ٻيا ساٿي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، جتي ھڪ روپوش جوابدار حضرت علي پيش نه ٿيڻ تي عدالت ٻڌڻي 11 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي ھريش ڪڙيلا وٽ پئسا انويسٽ ڪندڙ متاثرن ھريش کي عدالت ٻاھران گھيري ورتو، جيڪو وهجھ وٺي فرار ٿي ويو. جنھن بعد سيڙپڪاري ڪندڙ متاثرن ھريش ڪڙيلا خلاف ميرپورخاص پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي رامچند مھاراج، ريجھو مل ميگھواڙ، روي داس ميگھواڙ، دليپ ميگھواڙ ۽ ٻين چيو ته ھريش ڪڙيلا پئسا ڊبل ڪري ڏيڻ بھاني مختلف ماڻھن کان اربين رپيا ورتا ھئا، جن پنھنجا گھر، پلاٽ ۽ زيور وڪرو ڪري ھن وٽ سيڙپ ڪئي، هريش فراڊ ڪري ويو، ھاڻ پئسا واپس نٿو ڪري، پئسا واپس ڪرڻ جي مطالبي تي اسان کي ھراسان ڪري رھيو آھي. ھريش ڪڙيلا پنھنجي فيملي کي نيپال شفٽ ڪري ڇڏيو آھي، خدشو آھي ته هو ڀارت فرار ٿي ويندو. هنن وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي ته ھريش ۽ سندس ساٿين جو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪري سندس ضمانت رد ڪري رقم واپس ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button