اسلام آبادپاڪستان

قومي سلامتي جي سمورن پهلوئن تي پاليسي بهترين قدم آهي:آرمي چيف

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا قومي سلامتي پاليسي ٺاهڻ بابت ڪوٺايل تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته قومي سلامتي جي سمورن پهلوئن تي پاليسي هڪ بهترين قدم آهي. اسلام آباد ۾ قومي سلامتي پاليسي ٺاهڻ بابت تقريب ٿي، جنهن ۾ وزير اعظم عمران خان، وفاقي ڪابينا جي ميمبرز، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ هٿياربند فوجن جي سربراهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آرمي چيف جو چوڻ هو ته ملٽري سڪيورٽي قومي سلامتي جو هڪ اهم پهلو آهن ۽ هي دستاويز قومي سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ قومي سلامتي پاليسي جي منظوري ڏني وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button