مٺي: مٺي ۾ ٿر اسپورٽس فيسٽيول ۽ جيپ ريس مقابلن جي ٻئي ڏهاڙي جيپ ريلي، اٺن گهوڙن، نوجوانن جي ميراٿن ڊوڙ ۽ ملهه ملاکڙي جا مقابلا ٿيا. صوبائي صلاحڪار ارباب لطف الله، ايم اين اي پير امير علي شاھه، ارباب امير امان الله، صلاحڪار ويرجي ڪولهي، خالد سراج سومرو، ۽ ٻين رانديگرن ۾ روڪ انعام ورهايا. ميلي ۾ 60 کان وڌيڪ پهلوانن ۾ زور آزمائي جا دلچسپ مقابلا ٿيا. ملاکڙي جي فائنل ۾ زبردست مقابلي ۾ عمرڪوٽ ضلعي جي پهلوان علي اصغر هاليپوٽو ٻن پهلوانن ڀمرو ڀيل ۽ ملهار شيدي کي ملهون ماري پهريون نمبر حاصل ڪري ورتو. عمرڪوٽ ضلعي جي هڪ وڌيڪ ملھه پهلوان عبدالله پٺاڻ سخت مقابلي بعد ٿر جي ٻن پهلوانن رجب راهمون ۽ ڀوڄو ڀيل کي ملهون ماري ٻيو فاتح بڻجي ويو. ٿر واسي پهلوان نصرالله شيدي مختلف پهلوانن کي شڪست ڏئي ٽيون نمبر آيو. ٻئي طرف گهوڙن جي ڊوڙ واري فائنل مقابلي ۾ پهريون نمبر محمد خان جوڻيجو، ٻيو نمبر پپو شاهه ۽ ٽيون نمبر حاجي جان محمد چانڊيو جي گهوڙن حاصل ڪيو. اٺن جي ڊوڙ ۾ پهريون نمبر امين رند، ٻيو نمبر پريم بجير ۽ ٽيون نمبر تي نرسو ڀيل جي اٺن مقابلو کٽي انعام پنهجي نالي ڪري ورتو. هوڏانهن ميراٿن ريس ۾ پهريون نمبر نرسنگهه ڪولهي، ٻيو نمبر گينو ڪولهي ۽ ٽيون نمبر سروڻ ڀيل حاصل ڪيو. جيپ ريلي ۾ پروڊڪشن ڪيٽيگري جي 48 گاڏين 120 ڪلوميٽرن جي مفاصلي جو مقابلو ڪيو، جن مان 5 گاڏيون فني خرابين توڙي حادثن سبب وچ رستي ۾ رهجي ويون، ان ڪري نتيجا ججز روڪي ڇڏيا، حادثن ۾ ڪجهه ڊرائيور معمولي زخمي ٿيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close