پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ پرڻو ڪندڙ عورت جو چاچن ۽ مامن خلاف احتجاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص لڳ ڳوٺ مير شھداد خان ٽالپر جي رھواسڻ فاطمه ٽالپر پنھنجي مڙس ربنواز ٽالپر ۽ ٻين عزيزن سان گڏ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. بعد ۾ فاطمه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته والد ۽ ما فوت ٿي ويا آھن، جنھن بعد ھن پنھنجي ئي عزيز ربنواز سان 4 سال اڳ رضا خوشي سان شادي ڪئي، پر چاچا ۽ ماما واحدبخش عرف عاجز، شاھبخش عرف شاھو، رياض عرف ڪيٽو يوسف ۽ ٻيا وڏي ڄمار جي شخص سان شادي ڪرائڻ چاھي، ربنواز سان شادي بعد لاڳيتو سندن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري رھيا آھن. ڪجهھ ڏينھن اڳ ھو ٽنڊو محمد خان عزيزن جي شادي ۾ ويا ته جوابدارن حملو ڪيو، جنھن ۾ منھنجي مڙس جا ٻه سئوٽ محمد جمن ۽ الله نواز زخمي ٿي پيا، جنھن جو ٽنڊو محمد خان ٿاڻي تي ڪيس داخل آھي، ڪيس ۾ نامزد وڪيل واحدبخش عرف عاجز پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي پاڻ ۽ ٻين کي گرفتاري کان بچائي ورتو، ڪيس تان ھٿ کڻڻ لا ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، جوابدار قتل ڪرڻ چاھين ٿا. ھن مطالبو ڪيو ته تحفظ ڏئي جوابدارن خلاف قدم کنيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button