پاڪستانسنڌ

سانگهڙ جي ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ راندين جا مقابلا جاري

سانگھڙ: ضلعي سانگھڙ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ راندين جو ھفتو ملھايو پيو وڃي، ضلعي جي مختلف ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ راندين جون سرگرميون جاري آھن، جنھن ۾ بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس، ڪرڪيٽ ۽ رساڪشي سميت ٻين راندين جا مقابلا ڪرايا ويا. ان موقعي ڊسٽرڪٽ اسپورٽس فوڪل پرسن اسماعيل خاصخيلي , اسپورٽس فوڪل پرسن حصال مريم ۽ عبدالرحمان خاصخيلي چيو ته سانگھڙ جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون تمام گھڻيون محنتي آھن، هنن ۾ ٽيلنٽ به وڏو آهي، پر کين اڳتي وڌڻ لا موقعا نٿا ملن. ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه چيو ته سانگھڙ جي شاگردن ۾ تمام گھڻو ٽيلنٽ موجود آھي، سانگھڙ ھر واري ڊويزن ۾ پوزيشن کنئي آھي. رانديون معاشري لاءِ انتھائي ضروري آھن، جنھن سان معاشري مان سماجي براين جو خاتمو ايندو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button