اسلام آبادپاڪستان

افغان نيڪالي سان آمريڪا جي ساک تي ڪو به فرق ناهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مونکي نٿو لڳي ته افغانستان مان نيڪالي جي ڪري آمريڪا جي ساک تي عالمي سطح تي ڪو فرق پوندو، ڇو ته آمريڪا افغانستان مان پنهنجي مرضي تي نيڪالي اختيار ڪئي.

آمريڪي ميگزين کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته افغانستان ۾ بحران ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا به ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

وزيراعظم چيو ته افغان طالبان چين طرفان امداد قبول ڪئي، آمريڪا ۽ خطي جي وڏي طاقتن وچ ۾ سهڪار ئي تباهي کان بچڻ جو واحد طريقو آهي.

عمران خان چيو ته ڪورونا ۽ اڳوڻي حڪومتن جي ناڪامين جي ڪري افغانستان کي انساني بحران سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، افغانستان ۾ موجود دهشتگرد گروهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪابل اختيارين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته پاڪستان جي خلاف پابندي پيل ٽي ٽي پي هزارين دهشتگرد حملن جي ذميوار آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا کي افغانستان مان دهشتگردي کي روڪڻ جي ضرورت آهي، افغانستان ۾ انساني بحران سان منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان سان سهڪار ڪرڻ گهرجي.

انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو ته افراتفري واري صورتحال ۾ نيڪالي جي ڪري آمريڪا تي ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا، چين افغانستان کي معاشي مدد فراهم ڪري ٿو ته افغان ان کي قبول ڪندو، طالبان سي پيڪ ۾ شامل ٿيڻ ۽ چين سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جي امڪانن کي سُٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آمريڪا به افغانستان جي بحالي ۽ نئين تعمير ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، دوحا ۾ امن عمل جي دوران آمريڪا طالبان سان ورڪنگ لاڳاپو قائم ڪيو.

سندس چوڻ هو ته نيڪالي واري عمل دوران آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ سڌي ريت سهڪار هو، آمريڪا افغانستان ۾ حڪومت سان ملي گڏيل مفادن ۽ خطي جي استحڪام کي وڌائي سگهي پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button