اسلام آبادپاڪستانپنجاب

مري سانحي بابت جاچ مڪمل،30 آفيسرن جا بيان قلمبند

لاهور:مري سانحي تي جوڙيل 5 رڪني جاچ ڪميٽي جاچ مڪمل ڪري ورتي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ دوران انتظامي اداران جي 30 کان وڌيڪ آفيسرن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن. جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انتظاميا جي غفلت سبب مري سانحو پيش آيو، سياحن 7 ۽ 8 جنوري جي رات کي خوفناڪ تجربو قرار ڏنو. ذريعن موجب جاچ ڪميٽي مري جي دوري کانپوءِ لاهور رواني ٿي وئي، ڪميٽي فائنڊنگز کي ڊرافٽ جي شڪل ڏني آهي، اڄ پنجاب جي وڏي وزير کي پيش ڪئي ويندي. رپورٽ موجب 7 ۽ 8 جنوري جي رات برف هٽائڻ واريون مشينون هڪ هنڌ بيٺل رهيون ۽ عملو گم هو، موسميات کاتي جي وارننگ کي به مسلسل نظر انداز ڪيو ويو. واضح رهي ته 7 ۽ 8 جنوري جي رات مري ۾ برفاني طوفان ۽ رش سبب 23 ماڻهو پنهنجي گاڏين ۾ ئي فوت ٿي ويا هئا، فوتين ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڀاتي به شامل هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button