اسلام آبادپاڪستانسنڌ

عمران خان ملڪ آ ايم ايف وٽ گروي ڪري ڇڏيو،پاڪستان جا فيصلا پرڏيهه ۾ ٿي رهيا آهن:بلاول

اسلام آباد/ڪراچي: پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيٽروليم شيون مهانگيون ڪرڻ کي عوام جو معاشي قتل قرار ڏئي ڇڏيو آھي. پ پ چيئرمين بلاول چيو آهي ته عمران خان نيازي ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي. پاڪستان جا فيصلا پرڏيهه ۾ ٿي رهيا آهن. هن چيو ته گيس ۽ بجلي کانپوءِ پيٽرول مهانگو ڪري عوام جي کيسي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، عوام جي صبر جو وڌيڪ امتحان نه ورتو وڃي، پ پ جو لانگ مارچ به ان مهانگائي ۽ معاشي بحران خلاف آهي، مهانگائي ۽ بي روزگاري جي خاتمي لاءِ عمران خان جِي حڪومت مان ڇوٽڪارو ضروري آهي. بس هاڻي گهڻو ٿيو، عوام سان گڏجي 27 فيبروري تي لانگ مارچ لا نڪرنداسين. ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو اسلام آباد ۾ مصروف ترين ڏينهن گذاريو، ان دوران بلاول ڀٽو سان پ پ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي ميمبرن انور سيف الله خان، عاصما ارباب عالمگير، ظاهر شاهه، حاجي دلبر خان، انجنيئر نويد اقبال، نظام الدين، امام مالڪ شاهه ۽ ٻين ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته پ پ طرفان اعلانيل 27 فيبروري واري مارچ جي حوالي سان تيارين تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button