پاڪستانسنڌ

ميرواهه گورچاڻي ۾ کليل گٽر معصوم ٻار جي حياتي کسي ڇڏي

ميرواہه گورچاڻي: ٽائون ڪميٽي ميرواهه گورچاڻي ۾ گٽر نالن جي صفائي نه ٿيڻ ۽ گٽرن جا هول کليل هجن ڪري وارڊ نمبر 4 ۾ معصوم گلن جهڙو ٻارڙو نعيم ولد عفان راجپوت گٽر نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو. معصو ٻار جو لاش ٻاهر ڪڍي اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي پاسي پاڙيوارن احتجاج ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ٽائون ڪميٽي انتظاميا جي غفلت سبب معصوم ٻار ٻڏي مرڻ لڳا آهن، پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي. هوڏانهن پ پ سٽي ميرواهه گورچاڻي جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري آغا رستم خان چيو ته ٽائون ڪميٽي جي سينٽري ورڪرن جو نظام پرائيويٽ بااثر ٺيڪيدار حوالي هجڻ ڪري اهڙا اڻوڻندڙ واقعا ٿي رهيا آهن. هن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي نااهل بااثر ٺيڪيدار کي هٽايو وڃي ۽ ٽائون ڪميٽي مان ٺيڪيداري نظام ختم ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button