
ننگرپارڪر: ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ راڻپور ۾ 16 سالن جي سونو ولد مورو ڪولهي خودڪشي ڪري ڇڏي. نوجوان گھران ڪاوڙجي ڳوٺ لڳ جبل ۾ وڃي ڄار جي وڻ ۾ ڦاھو کاڌو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تعلقي اسپتال آندو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس ۽ نوجوان جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته آپگهات ڪندڙ سونو ڪولهي ما سان ماني دير سان ملڻ تي ناراض ٿي آپگهات ڪيو. پوليس ٻڌايو ته جاچ ڪري رھيا آھيون.