پاڪستانسنڌ

ٿرڪول ويجهو جيپ جو ٽرالر سان ٽڪر، ڊرائيور فوت

اسلام ڪوٽ: ٿرڪول ويجهو ڳوٺ مٺڙيو ھاليپوٽو کان مسافر کڻي محمود شاهھ غازي جي ميلي تي ويندڙ لانگ جيپ جو ٿرڪول روڊ تي نيو سينھري درس ويجھو ٽرالر سان زوردار ٽڪر ٿي پيو، ٽڪر جي نتيجي ۾ جيپ ڊرائٔيور تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ مٺڙيو جو رھواسي پرائٔمري استاد 50 ورھين جو خميسو ولد دين محمد ھاليپوٽو فوت ٿي ويو. حادثي ۾ ڳوٺ تڳوسر واسي جعفر ھاليپوٽو، مٺڙيو ھاليپوٽو جا رھواسي جيپ ۾ سوار لقمان ھاليپوٽو، سڪندر ھاليپوٽو ۽ نصراللھ ھاليپوٽو سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ھوڏانھن واقعي جو اطلاع ملندي اسلام ڪوٽ پوليس پھچي سمورن زخمين کي کڻائي رورل ھيلٿ سينٽر آندو. ھوڏانھن زخمين ۾ ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري کين مٺي ريفر ڪيو ويو. پوليس ٽرالر کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button