پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ 34 ايڪڙ زمين تي قبضي خلاف احتجاج

ڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ويجهو ڳوٺ سنگهار مگسي جي رهواسين بااثرن پاران 34 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. جنهن بعد پريس ڪانفرنس ڪندي غلام سرور چانڊيو، محمد جمن چانڊيو ۽ پانڌي خان چانڊيو چيو ته اسان جي ديهه هاليپوٽاڻي ۾ 34 ايڪڙ زمين تي بااثر ماڻهو قبضا ڪري ويٺا آهن، جيڪي اسان کي زمين تي اچڻ به نٿا ڏين، بااثر ماڻهن هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، اسان زمين تي وڃون ٿا ته موتمار ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون، بااثرن ڪيترائي ڀيرا اسان مٿان حملا ڪري فائرنگ ڪئي. ايس ايس پي ٽنڊوالهيار سميت ضلعي انتظاميا کي دانهون ڏنيون آهن، پر ڪير به ٻڌڻ لا تيار ناهي. هنن ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان گهر ڪئي ته زمين تان قبضو خالي ڪرائي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button