اسلام آبادپاڪستان

نادرا ۾ مقرر رٽائرڊ فوجي آفيسرن جا نالا ٻيهر طلب،سول ادارن جي ملٽرائيزيشن قبول ناهي:اپوزيشن

اسلام آباد :اپوزيشن جي سينيٽرن نادرا ۾ مقرر رٽائرڊ فوجي آفيسرن جا نالا ٻيهر طلب ڪري ورتا آهن. سينيٽ ۾ رٽائرڊ فوجين جي نادرا ۾ ڀرتين بابت سوال تي حڪومتي ميمبرز ۽ وزير ڪاوڙجي پيا. جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته نادرا ۾ آرمڊ فورسز جي رٽائرڊ ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ بابت سوال پُڇيو هو، حڪومت جواب ڇو نٿي ڏئي. ٻڌايو وڃي ته نادرا ۾ ڪيترا رٽائرڊ فوجي ڀرتي ڪيا ويا آهن. هن چيو ته هتي نوجوانن کي روزگار نه پيو ملي ۽ وري رٽائرڊ فوجين کي سٺين مراعتن تي ڀرتي ڪيو پيو وڃي. سڄو نادرا سندن قبضي ۾ آهي، جواب ڇو نه پيو ڏنو وڃي. پ پ سينيٽر رضا رباني جو چوڻ هو ته اسان فوج جي خلاف ناهيون، ان سان گڏ آهيون پر ملٽرائيزيشن آف سول انسٽيٽوٽيشن جي خلاف آهيون. ڇا اها حقيقت ناهي ته ملڪ جي اڪثر ادارن ۾ وڏن عهدن تي رٽائرڊ فوجي ڀرتي ٿيل ناهن. اي اين ايف، اسپارڪو، ايرا ۽ پي آ اي، اين ڊي ايم اي، سول ايويئيشن جا سربراهه رٽائرڊ فوجي ناهن؟ هائوسنگ اسڪيم، نيشنل ڊولپمينٽ ڪائونسل، اقتصادي ايڊوائزري ڪميٽي، چيئرمين واپڊا جو تعلق ڪنهن سان آهي؟ ڪالهه سينيٽ جي اجلاس ۾ ٻيهر نادرا ۾ رٽائرڊ فوجين جي مقرري جي حوالي سان بحث ٿيو، ان دوران مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته هٿياربند فورسز سرحدن جو دفاع ڪنديون آهن، اُنهن سان ايڏي نفرت ڇو آهي؟ سينيٽر رضا رباني چيو ته اسان هٿياربند فورسز خلاف نه آهيون، پر سول اداران جي ملٽرائيزيشن قبول ناهي. ايوان شهزاد وسيم چيو ته ملٽري ملٽري جو رٽو ڇو لڳايو اٿوَ، ڇا فوج پاڪستان جي ناهي.علي محمد خان چيو ته جيڪڏهن ڪير 25 سال سرحدن تي گولي کائڻ لاءِ تيار آهي ته ڇا اُن جو حق ناهي. سول ملٽري جي فرق ۽ نفرت جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، ڇا مري ۾ پاڪ فوج ماڻهن کي ريسڪيو نه ڪيو؟ قائد سينيٽ ۾ وزيرن جي غيرموجودگي تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪندي وزير موجود هجڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. جڏهن ته مخالف ڌر اڳواڻ يوسف رضا گيلاني چيو ته سمورن معاملن جو دٻاءُ مملڪتي وزير علي محمد خان تي آهي، جنهن جو جواب ڏيندي قائد ايوان شهزاد وسيم چيو آهي ته جتي ضروري هجي وزير اچن ٿا، ان خوش فهمي ۾ نه رهو ته اوهان جي ديدار لاءِ اچن ٿا. اڱاري تي سينيٽ اجلاس جي صدارت چيئرمين صادق سنجراڻي ڪئي. مخالف ميمبر رضا رباني، سينيٽر مشتاق احمد ۽ ٻين وزيرن جي غير موجودگي طرف چيئرمين جو ڌيان ڇڪرايو. يوسف رضا گيلاني چيو ته وزيرن کي هتي اچي ويهڻ گهرجي، سڄو بار علي محمد خان تي آهي. گذريل ڏينهن هڪ منسٽر جو ديدار منهنجي ڪري ٿيو. ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته جتي پاليسي بيان ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي، ڇا محمود قريشي اوڏانهن ويندو آهي ڪوئي ان خوشفهمي ۾ نه رهي ته اوهان جي ديدار لاءِ ڪوئي هتي اچي ٿو. اوهان نادرا جو سوال ملٽري ڏانهن وٺي ويا، ملٽري به ته هن ئي ملڪ جي آهي. قانون جا به ڊگها هٿ آهن، وردي ۽ بنا وردي واري ڳالهه ڇڏيو. ان تي يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان فوج جي خلاف نه آهيون هي پاڪستان جي فوج آهي. ڪشمير جو مسئلو جيڪو عالمي اشو آهي ان تي شاهه محمود ڇو ناهي آيو. ميان رضا رباني چيو ته حڪومت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جو اعلان ڪيو ويو. نيشنل سيڪيورٽي پاليسي کي پارليامينٽ اندر آندو وڃي، جنهن پاليسي جو اعلان ڪيو ويو ان ۾ صوبن کي به اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو. هن چيو ته پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ملڪ جي سيڪيورٽي پاليسي ڪيئن بڻائي سگهجي ٿي؟ اجلاس دوران گهرو وزارت ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن ۾ جعلي يا اڻ چٽي نمبر پليٽ وارين گاڏين کي هڪ ڪروڙ 66 لکن کان وڌيڪ چالان ٿيا. اسلام آباد ۾ 55 هزار 614 گاڏيون جعلي نمبر پليٽ وارين گاڏين جا چالان ٿيا. ريلوي وزير اعظم سواتي ٻڌايو ته ريلوي منافعي بخش ادارو هو، جيترا نقصان ٿيا ان ۾ وڏو نقصان هيومن ريسورس اورلوڊ ڪرڻ آهي. ڇا هي ظلم نه آهي جو پاڪستان ريلوي ۾ 17 گريڊ جي آفيسر جي گهر 6 ملازم هئا. هي ماڻهو سياسي ڀرتيون آهن جنهن کان پوءِ سينيٽ جو اجلاس جمعي جي صبح ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button