اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لانگ مارچ سان حڪومت ڪيرائي ڏيکارينداسين. پي ڊي ايم وارا عدم اعتماد جي اسٽريٽجي تي اچي ويا آهن ته پوءِ گهڻو امڪان آهي ته اسان گڏيل جدوجهد ڪيون. ڪالهه يوسف رضا گيلاني سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي عوام جو مطالبو آهي ته اسان هن حڪومت جي خلاف روڊن تي نڪرون ۽ اسان سي اي سي فيصلو ڪري ورتو آهي، اسان 27 فيبروري تي حڪومت خلاف نڪرنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جمهوري طريقي سان حڪومت کي ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، اسان عدم اعتماد جي رٿ جي به ڳالهه ڪئي هئي. اسان وٽ سينيٽ ۾ في الحال گھربل انگ پورو ناهي. آئين ۽ قانون ۾ ايمرجنسي جي ڪا به گنجائش ناهي، صدارتي نظام جو شوشو اسان کي ٽرڪ جي بتي پٺيان پوئتي لڳائڻ جي برابر آهي. قتل جي جوابدار شاهه رخ جتوئي کي ڪيترن ئي مهينن تائين جيل بدران اسپتال ۾ مزا ڪرڻ جي معاملي تي هن چيو ته شاهه رخ جتوئي سميت ڪنهن به قيدي کي علاج جو حق آهي. وڏي وزير ۽ صحت بابت وزير شاهه رخ جتوئي جي معاملي تي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.بلاول چيو ته حڪومت رات جي اوندهه ۾ عوام دشمن مني بجيٽ کي زبردستي پاس ڪرايو ۽ اسٽيٽ بينڪ به ايوان کان زبردستي منظور ڪرايو ويو، جنهن کان پوءِ اسٽيٽ بينڪ پارليامينٽ کي جوابداه نه هوندي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن پي ڊي ايم وارا پنهنجي موقف تان هٽي رهيا آهن، عدم اعتماد جي اسٽريٽجي تي اچي ويا آهن ته پوءِ گهڻو امڪان آهي اسان گڏيل جدوجهد ڪيون. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت پارليامينٽ مان زوري مني بجيٽ منظور ڪرائي، پيپلزپارٽي پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر احتجاج ڪيو. مني بجيٽ جي منظوري وقت ڪيل واعدا پورا نه ڪيا ويا مني بجيٽ جي نتيجي ۾ مهانگائي جو سڌوسنئون عوام تي اثر پوندو. هن چيو ته عوامي نمائندن کي سڀ کان پهريان عوام کي ڏسڻو پوي ٿو، پيپلزپارٽي هميشه عوام کي ڏٺو آهي. هن چيو ته اپوزيشن جي جدوجهد سان لانگ مارچ سان حڪومت تي دٻاءُ پوندو. منهنجو موقف هو ته مارچ پري آهي ان لاءِ اسان 27 فيبروري تي نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته اسان حڪومت جي هن فيصلي جي خلاف سخت مذمتي تحريڪ هلائينداسين. عوام هن مارچ ۾ وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معاشي حالتون جيتريون به افغانستان ۾ خراب ٿينديون ان جو اثر هتي پوي ٿو. افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جون حالتون تمام خراب آهن ۽ وزيراعظم رڳو رياست مدينا جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close