اسلام آبادپاڪستان

11 لک 39 هزار پاڪستاني روزگار خاطر ٻاهرين ملڪ هليا ويا

اسلام آباد : سينيٽ ۾ اوورسيز پاڪستانين واري وزارت ٻاهرين ملڪ نوڪري لاءِ ويندڙ ماڻهن جو تفصيل پيش ڪري ڇڏيو. جمعي تي سوالن جي وقفي دوران پڇا ڪئي وئي ته پي ٽي آئي جي ٽن سالن جي حڪومتي دور ۾ ڪيترا پاڪستاني نوڪرين لاءِ ٻاهر ويا. ان تي جواب ڏيندي ٻڌايو ويو ته ٻاهرين ملڪ مان پاڪستان ۾ نوڪرين لاءِ اچڻ بدران 11 لک 39 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني ٻاهرين ملڪ ويا. اجلاس دوران سمنڊ پار پاڪيستانيز وزارت ٻاهرين ملڪ نوڪري لاءِ ويندڙن جو تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيو ۽ لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته سعودي عرب ۾ سڀ کان وڌيڪ 6 لک 24 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني نوڪري لاءِ ويا. لکت جواب ۾ ٻڌايو ويو ته يو اي اِي ۾ 2 لک 92 هزار، اومان ۾ 77 هزار ۽ قطر ۾ 64 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني نوڪري لاءِ ويا. اورسيز پاڪستانيز وزارت مطابق بحرين ۾ 19 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني نوڪري لاءِ ويا. ملائيشيا ۾ 13 هزار کان وڌيڪ، عراق ۾ 6 هزار کان وڌيڪ، چائنا ۾ 2 هزار کان وڌيڪ، يو ڪي ۾ به 2 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني نوڪرين لاءِ ويا. يو ايس اي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ پاڪستاني نوڪري لاءِ ويا. وزارت چيو ته ترڪي ۾ 288 پاڪستاني نوڪري لاءِ ملڪ مان ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button