اسلام آبادپاڪستان

حڪومت جو چئلينج اپوزيشن نه پر مهانگائي آهي:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد : پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به مهانگائي کي حڪومت لاءِ چئلينج قرار ڏئي ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان گذريل سالن ۾ ڏکيا فيصلا ڪيا ۽ ڪُوڙي گوري کاڌي پر هاڻ اسان استحڪام سان رڪوري طرف وڌي رهيا آهيون، اهو آءُ يا اوهان نه، ورلڊ بينڪ چئي رهي آهي. هن چيو ته اسان 5 سيڪڙو گروٿ حاصل ڪئي، جنهن صورتحال ۾ هنن جي حڪومت ۽ جن حالتن ۾ اسان 5 ڏهائي 3 سيڪڙو گروٿ حاصل ڪئي آهي اهو مختلف آهي. اپوزيشن جڏهن حقيقتن تي ڳالهائيندي ته اسان ان کي تسليم ڪنداسين، اپوزيشن اسان جو چئلينج ناهي، مهانگائي آهي. اپوزيشن درست چوندي آهي ته ڀاڻ جون قيمتون وڌي رهيون آهن، بلڪل وڌي آهي. ڏسڻو پوندو ته ڇو ڀاڻ جي قيمت وڌي آهي، پاڪستان ۾ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ هاري کي سستو ڀاڻ ملي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button