
اسلام آباد :سپريم ڪورٽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي غير ضروري قانوني ڪارروائي کي وقت ضايع ڪرڻ قرار ڏيندي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خانگي ڪمپني خلاف ايف بي آر جي اپيل تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو ۽ غير ضروري اپيل داخل ڪرڻ تي ايف بي آر تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته ايف بي آر جي غير ضروري ڪيسن سان عدالتن جو وقت ضايع ٿئي ٿو. ايف بي آر ٽيڪس واهپيدارن سان قانون موجب شفاف انداز ۾ معاملا هلائي. عدالت فيصلي ۾ چيو ته ٽيڪس ادا ڪندڙن کي جيڪو قانوني حق ملي ٿو اهو روڪي نٿو سگهجي. غير ضروري ڪيسن سان ايف بي آر جا وسيلا ضايع نه ٿيڻ گهرجن.