اسلام ڪوٽ: ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ پورهيت هيٺ ڪري فوت ٿي ويو. ٿرڪول بلاڪ 2 تي ڪمپني انتظاميا پاران پورهيتن لا سيفٽي ڪٽ توڙي صحت جون سهولتون نه هجڻ سبب پورهيتن جون زندگيون دا تي لڳل آهن. رات ٿرڪول بلاڪ جي پاور پلانٽ تي ڪم ڪندڙ ايڇ اي پي سي ڪمپني جو ورڪر رحيم يار خان جو رهواسي 33 ورهين جو نوجوان علي نواز ڪرين مشين تان هيٺ ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم لا اسلام ڪوٽ سرڪاري اسپتال آندو ويو. چيو وڃي ٿو ته پورهيت ڪم ڪري رهيو هو ته اوچتو ڪرين مشين تان پير سلپ ٿيڻ سبب هيٺ ڪري سخت زخمي ٿي پيو هو، ٿرڪول تي ايمرجنسي جون سهولتون نه هجڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. پوليس موجب فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close