اسلام آباد: اسلام آباد ۾ قتل کان اڳ نور مقدم سان جنسي زيادتي جي تصديق ڪئي وئي. آءِ جي آفيس ۾ نور مقدم قتل ڪيس بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب فرانزڪ ايجنسي جي رپورٽ جو ٻيهر جائزو ورتو ويو. رپورٽ موجب قتل کان اڳ نور مقدم سان جنسي زيادتي جي تصديق ٿي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته نور مقدم حياتي بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، سندس ننهن مان ظاهر جعفر جي چمڙي جا نمونا مليا. پوليس موجب جنهن چاقو سان نور مقدم جو قتل ڪيو ويو، اهو به ملي ويو آهي. چاقو جي بليڊ ۽ دستي تي نور مقدم جو رت مليو. جڏهن ته جنهن اوزار سان نور مقدم تي تشدد ڪيو ويو، اهو به ملي ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close