پاڪستانسنڌ

نيازي حڪومت ۾ ملڪ ڪڏهن به ترقي نه ڪندو:ميون ولهاري

مسڻ وڏي: نيازي جي تبديلي حڪومت ۾ ملڪ ڪڏهن به ترقي نه ڪندو، نيازي جي هجڻ سان ملڪ جو وجود به خطري ۾ پئجي ويو آهي. نيازي کي اقتدار کان ٻاهر ڪرڻ لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽريڪٽر ريلي ڪڍي، ڪامياب ٽريڪٽر ريلي کي ڏسي حڪمرانن جا هوش اُڏامي ويا آهن. اھڙن خيالن جو اظهار ضلعي ڪائونسل ٽنڊوالهيار جي اڳوڻي چيئرمين مخدوم ميون علي محمد ولهاري پريس ڪلب مسڻ وڏي جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪ باد ڏيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته عوام کي بک، بيروزگاري ۽ ملڪ کي بحرانن مان رڳو بلاول ڀٽو زرداري ڪڍي سگهي ٿو. ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ پوري ملڪ ۾ سوڀ حاصل ڪندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿيندو. هن چيو ته مون پنهنجي وقت ۾ ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ عوام جي خدمت ڪئي، هن وقت به ڪجهھ نه هئڻ باوجود عوام جي خدمت ڪري رهيو آهيان. جنهن بعد مخدوم ميون علي محمد ولهاري پريس ڪلب مسڻ وڏي لاءِ جڳهھ پڻ ڏني. ان موقعي تي پ پ يوسي مسڻ جو صدر سردار محمد فاروق لغاري، عبدالغني هڪڙو، اصغر علي اوٺو، تصور جٽ، چيئرمين نورالدين ميئو، محمد انور ميرجت ۽ ٻيا گڏ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button