پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ وفاقي سرڪار خلاف پ پ جو هاري مارچ

ننگرپارڪر: وفاقي حڪومت خلاف پيپلز پارٽي پاران ڍڳا گاڏين تي چڙهي روپلو ڪولهي موٽيل لڳ ايئر اسٽرپ تي هاري مارچ ڪيو ويو. مارچ ۾ وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. هاري مارچ جي اڳواڻي صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي، لالا قمبر کوسو ۽ پ پ انفارميشن سيڪريٽري واسديو ميگهواڙ ڪئي. ان موقعي تي ويرجي ڪولهي، ساٿي سومجي، پهلاج ۽ ٻين چيو ته ننگرپارڪر ۾ گذريل سال هڪ ارب کان وڌيڪ بصر ايڪسپورٽ ٿيو آهي، وفاقي حڪومت معيشت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي، هاڻي بصر ٻاهر ايڪسپورٽ نه ٿي رهيو آهي، اسان کي اگهه نٿو ملي. هنن چيو ته اسان 400 رپيا ٽماٽو خريد ڪري کاڌو آهي، هاڻي جڏهن سنڌ جو ٽماٽو ٽڪي ڌڙي وڪرو ٿي رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه عمران خان جي غلط پاليسين جو نتيجو آهي. هنن چيو ته اسان ٻج پنج هزار ۾ خريد ڪريون ٿا، جڏهن فصل ٿئي ٿو ته 15 سئو ۾ ورتو وڃي ٿو، ان ڪري بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي آبادگارن کي نقصان پهتو آهي. هاري ماڻهو ڍڳا گاڏيون ڪاهي پنهنجون ٻنيون ٻارا ڇڏي اڄ ننگرپارڪر ۾ روڊن تي نڪتا آهن. ٻئي طرف هاري مارچ ۾ پ پ تعلقي ننگرپارڪر جو صدر ڪريمڏنو دل، تعلقي جنرل سيڪريٽري لالا لجپت ڀيل ۽ ضلعي توڙي تعلقي جا اهم اڳواڻ توڙي تنظيمي عهديدار نه آيا. ريلي ۾ شريڪ اڪثر هاري ريلي کان اڻڄاڻ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button