اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

هڪ هفتي دوران 17 شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي:ڳڻپ وارو ادارو

اسلام آباد : ڳڻپ واري وفاقي اداري مهانگائي بابت هفتي واري رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن مطابق هڪ هفتي دوران تقريبن 17 عام کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيون آهن. ان حوالي سان ڳڻپ واري اداري موجب هڪ هفتي ۾ مهانگائي جي شرح 0 ڏهائي 11 سيڪڙو گهٽ ٿي، 18 ڏهائي 62 سيڪڙو تي اچي وئي. جڏهن ته سڀني کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ مهانگائي 20 ڏهائي 24 سيڪڙو ٿي وئي. رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ 17 شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جن ۾ ٽماٽا 18 رپيا 53 پيسا ۽ ٿوم 13 رپيا 55 پيسا في ڪلو مهانگي ٿي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته مٽرن جي اگهه ۾ 2 رپيا 45 پيسا في ڪلو، چڻن جي دال 1 ڏهائي 92 رپيا ۽ دال ماش جي اگهه ۾ 2 ڏهائي 75 رپيا في ڪلو واڌ ٿي. جڏهن ته دال مسور 1 ڏهائي 54 رپيا ۽ مڱن جي دال 0 ڏهائي 68 پيسا مهانگي ٿي. ڳڻپ واري اداري موجب گيهه جو في ڪلو اگهه هڪ رپيو 75 پيسا واڌ ٿيڻ بعد في ڪلو جو اگهه 400 رپيا 75 پيسا ٿي ويو. جڏهن ته 5 لٽر ڪوڪنگ آئل جو اگهه 2 هزار 85 رپيا 42 پيسا ٿي ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ هفتي ۾ 8 شيون سستيون ٿيون ۽ 26 شين جي اگهن ۾ ڦير ڦار نه ٿي. جيئري ڪڪڙ جي في ڪلو اگهه ۾ 3 رپيا 20 پيسا، بيضن جي في ڊزن اگهه ۾ 3 رپيا 83 پيسا گهٽتائي ٿي. جڏهن ته 200 گرام ڳاڙهن مرچن جي اگهه ۾ 25 رپيا 85 پيسا گهٽتائي ٿي ۽ کنڊ جي في ڪلو اگهه ۾ هڪ رپيو 5 پيسا گهٽتائي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button