اسلام آبادپاڪستانسنڌ

موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي 2018 کان اڏامون بند

اسلام آباد: مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي 2018 کان اڏامون بند آهن. موهن جو دڙو ايئرپورٽ کان اڏامن کي ايئر آپريٽرز جي درخواست تي جلد ئي شروع ڪيو ويندو. سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سيف الله ابڙو چيو ته موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي ڪڏهن کان اڏامون شروع ڪيون وينديون، ٻڌايو وڃي. علي محمد خان چيو ته 2018 کان اڏامون بند آهن. پارلياماني معاملن واري وزير ٻڌايو ته ڪمرشل اڏامن جي ڪري موهن جو دڙو ايئر پورٽ کان اڏامن تي ايئر آپريٽرز جي درخواست تي جلد ئي شروع ڪيو ويندو. اجلاس دوران چيئرمين سينيٽ چيو ته علي محمد اوهان صورتحال کان آگاهه ڪيو. علي محمد خان چيو ته صورتحال اها آهي جو وزراعظم عمران خان جي حڪومت آهي، 2023 ۾ به وزيراعطم عمران خان ئي هوندو. سنڌ ۾ به پي ٽي آئي جي حڪومت هوندي. علي محمد خان چيو ته اڳوڻين حڪومتن ۽ پانامه وارن ملڪ کي هن حد تائين پهچائي ڇڏيو آهي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت جيڪو ڪيو ان ماڊل ٽائون جو واقعو ياد ڏياريو. ايم ڪيو ايم سان مان ٻڌي جو اظهار ڪيان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button