اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سرينا عيسيٰ کي ان اهم ترين معاملي تي شنوائي جو پورو حق نه ڏنو ويو. رڳو جج جي گهرواري هجڻ جي سرينا عيسيٰ کي آئيني حقن کان محروم نٿو ڪري سگهجي.سپريم ڪورٽ 9 مهينن کانپوءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. فيصلي ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي واڌو نوٽ لکيو آهي. فيصلي ۾ سرينا عيسيٰ جون نظرثاني درخواستون اڪثريت سان منظور ڪيون ويون. جڏهن ته سرينا عيسيٰ جي حق ۾ فيصلو 10 رڪني لارجر بئنچ 4-6 جي شرح سان ٻڌايو. سپريم ڪورٽ مختصر فيصلو 26 اپريل 2021 ۾ ٻڌايو هو ۽ هاڻ تحريري فيصلو جسٽس مقبول باقر، جسٽس مظهر عالم، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس امين الدين لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته فيصلو واضح لفظن سان ٻڌايو وڃي ٿو ته هن عدالت جي جج سميت ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي. جڏهن ته ڪو به شخص، ڀلي اهو هن عدالت جو جج ڇو نه هجي، ان کي قانوني حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close